SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


New World Information and Communication Order NWICO

(click word to listen sound
  • 🔊
  • njuː
  • wəːld
  • infəmeiʃən
  • ænd
  • kəmjuːnikeiʃən
  • ɔːdər
  • nwico
  • )

From the Dictionary of International Relations:

New World Information and Communication Order NWICO

نيو ورلڊ انفرميشن ائنڊ ڪميونيڪيشن آرڊر

اطلاع ۽ رابطي جو نئون عالمي نظام

هي اصطلاح 1970ع جي آخر ۽ 1980ع واري ڏهاڪي جي شروعات سالن دوران عالمي اداري UNESCO ۾ اُسرندڙ مُلڪن جي نمائندگيءَ جي حوالي سان ٿيندڙ بحثن ۾ سامهون آيو. جيڪو گڏيل قومن جي طرفان نوبيل امن يافته آئرش سياستدان ”مئڪ برائيڊ“ جي سرواڻيءَ ۾ قائم ڪيل ڪميشن، (Mac Bride Commission) جي گڏجاڻين ۾ استعمال ڪيو ويو. جنهن پنهنجي سفارشن ۾ عالمي ميڊيا کي بهتر ڪرڻ ۽ ان ۾ سڄي دُنيا جي نمائندگيءَ کي هڪ- ڪرائيءَ جي بُنيادن تي طئه ڪرڻ وارن نُڪتن تي زور ڏنو. هن ڪميشن طرفان ”گهڻ آواز- هڪ دُنيا“ جي عُنوان هيٺ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ”اطلاع ۽ رابطي جي نئين عالمي نظام“ جي باري ۾ رهنما اصول ڏنا ويا ۽ چيو ويو ته دُنيا جي هر ڪُنڊ ۾ ٿيندڙ اهم واقعن ۽ اهم طاقتن جي سرگرمين جي نتيجي ۾، سڄي دُنيا تي پوندڙ اثرن کان آگاهه رهڻ ۾ ئي دُنيا جي آئيندي جي ڀلائي آهي. هن نظام تحت اُسريل دُنيا جي شهرن لنڊن، پئرس ۽ نيويارڪ ۾ قائم ٿيل ميڊيا مرڪزن جي هڪ هٽيءَ جو خاتمو آڻڻ، واقعن ۽ حادثن جي رپورٽنگ عالمي اوليتن کي نظر ۾ رکي ڪرڻ، غريب مُلڪن مٿان بين الاقوامي اشتهاري ادارن جو دٻاءُ ختم ڪرڻ، ريڊيو جي فوجي حڪمت عمليءَ لاءِ استعمال ختم ڪري ان تان سگهارن مُلڪن جي بالادستي گهٽائڻ، پولار يا خلا ۾ هٿرادو سيارن (Satellite) جي حوالي سان امير مُلڪن جي برتري گهٽائي، غريب مُلڪن جي حصيداريءَ ۾ ڪرڻ، سئٽلائيٽ ٽيليويزن چئنلن جي اجازت پوئتي پيل مُلڪن ۾ بنا اجازت داخلا تي پابنديون وجهڻ، هٿرادو سيارن ذريعي غريب مُلڪن کي زراعت ۽ قدرتي وسيلن وغيره بابت گهربل معلومات رسائڻ ۾ واڌارو ڪرڻ، ڪمپيوٽر جي دُنيا ۾ آمريڪي برتريءَ کي گهٽائي ان ۾ غريب قومن کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ ۽ آمريتي حُڪومتن هٿان صحافين کي ملندڙ تڪليفن جو ازالو ڪرڻ سميت ڪي ئي اهڙا نُڪتا شامل آهن، جن دُنيا ۾ ميڊيا جي حوالي سان بهتر ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.


Remember Me Also:

ڏنڊ

ذ. ميوي ۾ لڳل ڪاٺيءَ جو ٽڪر ، ڄُنڊي ، ڏُنڊي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal